

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ن ليگي اڳواڻ سينيٽر نهال هاشمي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.
ن ليگ جي ترجمان موجب سينيٽر نهال هاشمي پنهنجي گهر ۾ آئسوليشن ۾ آهي ۽ هو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، هن عوام کان دعائن جي اپيل جي درخواست ڪئي آهي.
سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ماڻهن جو انگ 56 هزار 349 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 1167 ڄڻا فوت ٿي چڪا آحن.
واضح رهي ته 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ سينيٽر نهال هاشمي کي توهين عدالت جي ڏوهه ۾ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.
The post نهال هاشمي به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment