اين سي او سي اجلاس: ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي سفارش - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 31, 2020

اين سي او سي اجلاس: ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي سفارش


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته دڪاندار بنا ماسڪ جي گراهڪن سان ڏي وٺ نه ڪن.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير فخر امام، اعجاز شاهه، خسرو بختيار، خاص مددگارن ظفر مرزا، معيد يوسف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين اين سي او سي کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

اسد عمر چيو ته حڪومت ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ واپاري تنظيمن کان مدد وٺندي، ايس او پيز تي عمل ۽ نرمي جي حوالي سان گڏيل پاليسي جوڙي وڃي، في الحال دڪاندار بنا ماسڪ جي گراهڪن سان ڏي وٺ نه ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪن.

سندس چوڻ هو ته اين سي او سي کي ڊگهي ۽ گهٽ مدي جون پاليسيون واضح ڪرڻيون آهن، لاڳاپيل ادارا ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪن، عوام کي حڪومتي قدمن کان آگاهه رکيو وڃي.

هن چيو ته شهرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ملڪ ۾ پهرين جون کان ريسورس مئنيجمينٽ سسٽم لاڳو ٿيندو، جنهن سان عوام کي اسپتالن بابت تازي ڄاڻ ملندي.

اين سي او سي اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرن جي انگ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي.

The post اين سي او سي اجلاس: ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي سفارش appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages