

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي هيءَ پهرين حڪومت آهي جنهن ڪميشن جي رپورٽ عوام سامهون پيش ڪئي ۽ وزيراعظم بنا فرق جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي.
ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته فرانزڪ رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم چيو ته ڪنهن سان امتيازي ورتاءُ نه ٿيندو، جيڪو ذميوار آهي اهو جوابده آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي ٿيندي.
ڪورونا وائرس صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته وبا خلاف صوبائي حڪومتن جي سهڪار کانسواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي، صوبائي حڪومتن جو سهڪار گهربل آهي ۽ پهرين جون تي ٿيندڙ اجلاس ۾ سمورا وڏا وزير شريڪ ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته ڪورونا وائرس معاملي تي اپوزيشن جي مطالبي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو پر اپوزيشن رڳو تنقيد تي زور رکيو ۽ هڪ به تجويز پيش نه ڪئي، اپوزيشن رڳو تنقيد تنقيد نه تجويز تجويز به کيڏي.
پرڏيهي وزير موجب ڀارت ۾ مسلمانن جا حق پامال ٿي رهيا آهن ۽ انهن سان امتيازي ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، والاريل ڪشمير جي معاملي تي گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
The post صوبائي حڪومتن جي سهڪار بنا ڪورونا خلاف ڪاميابي ممڪن ناهي: شاهه محمود قريشي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment