

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته ايٽمي ڌماڪن وقت هو ڊڄي ملڪ مان ڀڄي ويو هو.
ريلوي واري وزير شيخ رشيد اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف سميت سڄي ڪابينا ڌماڪن جي مخالف هئي، مان، راجا ظفر الحق ۽ گوهر ايوب ڌماڪا ڪيا هئا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ايٽمي ڌماڪن وقت منهنجي ڊيوٽي اهڙي هئي ته مون کي ٻاهر وڃڻو پيو، اهي ملڪي راز آهن ۽ انهن کي راز ئي رهڻ گهرجي.
وفاقي وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته ايٽمي ڌماڪن وقت هو ڊڄي ملڪ مان ڀڄي ويو هو، ڏکئي وقت ۾ وفاداري تبديل ڪندڙ اڄ ايٽم بم جو ڪريڊٽ کڻي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد اڄ ان جو ترجمان آهي، جيڪو کيس پٽيوالو رکڻ لاءِ تيار نه هو، عمران نيازي ۽ شيخ رشيد جي گڏيل نشاني ڪوڙ ۽ يوٽرن آهي، پنڊي جو شيطان رمضان ۾ به کليل رهيو ۽ عيد کانپوءِ به کيس کليل موڪل آهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته قوم جي اٽي ۽ کنڊ جا چور نيازي، خسرو ۽ ترين ڪرپٽ مافيا آهن، عوام کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو.
The post ”شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته ايٽمي ڌماڪن وقت هو ڊڄي ملڪ مان ڀڄي ويو هو“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment