فواد چوڌري جو پوليس ناڪا ختم ڪري ڊرون ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جو مطالبو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 27, 2020

فواد چوڌري جو پوليس ناڪا ختم ڪري ڊرون ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جو مطالبو


چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت وزير فواد چوڌري پوليس ناڪا ختم ڪري ڊرونز ۽ ڪيمرا ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

رات دير سان اسلام آباد جي علائقي ترنول ٿاڻي جي حدن ۾ هٿياربندن پوليس ناڪن تي موجود ٻن اهلڪارن کي فائرنگ ڪري شهيد ڇڏيو.

آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار پوليس اهلڪارن جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي.

هاڻ ڏس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت وفاقي وزير فواڌ چوڌري جو بيان به سامهون آيو آهي.

فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس ناڪا ختم ڪري ڊرونز ۽ ڪيمرا ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو وڃي.

هن چيو ته ناڪن تي مقرر جوان سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ هوندا آهن، اسان کي ناڪا جديد ڪرڻا پوندا.

The post فواد چوڌري جو پوليس ناڪا ختم ڪري ڊرون ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ جو مطالبو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages