![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2020/05/maryam.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2020/05/maryam.jpg)
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته کنڊ جاچ ڪميشن وزيراعظم عمران خان کي ڏوهي قرار ڏنو آهي، جنهن ڪنٽينرن تي ويهي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪئي هئي.
احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪارڪردگي جي سياست نه ٿئي ته الزامن جي سياست ٿيندي آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سبسڊي تڏهن ڏني، جڏهن کنڊ جي کوٽ نه هئي.
راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ 5 سالن تائين کنڊ مهانگائي ٿيڻ نه ڏني، خسرو بختيار ذريعي کنڊ جو ڌاڙو هنيو ويو، کيس فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت فراهم ڪئي وئي، اهو موجوده حڪومت جي هڪ وزير لاءِ سزا جو معيار آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان کي پاڪستان تي مڙهيو ويو، خود احتسابي جو نعرو هڻندڙ وزيراعظم اڄ گم آهي، هيلي ڪاپٽر ڪيس ۾ وزيراعظم گم، مالم جبا ڪيس ۾ وزيراعظم گم، هاڻ خبر پئي ته هو نٿيا گلي ۾ آهي، مهرباني ڪري اتان نڪري حڪومت جا معاملا سنڀاليو، جتي ڪورونا وائرس سبب ماڻهو مري رهيا آهن ۽ مزدور طبقو پريشان آهي.
The post کنڊ جاچ ڪميشن وزيراعظم عمران خان کي ڏوهي قرار ڏنو آهي: مريم اورنگزيب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment