

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عظميٰ خان ڪجهه عورتن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته اهي مشهور پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جون ڌيئرون آهن ۽ انهن هٿياربند گارڊن سان گڏجي منهنجي گهر ۾ گهڙي شرپسندي ڪئي.
اهو واقعو گذريل ڏينهن ان وقت منظر تي آيو هو، جڏهن ڪجهه ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ اداڪارا پوليس کي شڪايت داخل ڪرائي، جنهن جي روشني ۾ رات دير سان ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس لاهور جي علائقي ڊفينس جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اداڪارا الزام هنيو آهي ته آمنا ملڪ ۽ ملڪ رياض جو ڌيئرون پشمينا ملڪ ۽ عنبر ملڪ چنڊ رات تي هٿياربند جوابدارن سان گڏجي منهنجي گهر جو اندريون دَر ٽوڙي داخل ٿيون ۽ مون تي ۽ منهنجي ڀيڻ تي هٿيار تاڻيا.
ايف آءِ آر موجب آمنا عثمان اداڪارا جي ڀيڻ کي شيشي جي بوتل هنئي، جنهن سان هوءَ زخمي ٿي پئي، جڏهن ته پشمينا ۽ عنبر ملڪ اداڪارا ۽ سندس ڀيڻ تي تشدد ڪيو ۽ سندن ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.
اداڪارا دعويٰ ڪئي آهي ته ٽنهي عورتن اسان تي تشدد ڪرڻ سان گڏوگڏ گارگند ڪئي ۽ غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪندي هڪ گارڊ کي چيو ته ان کي ڪمري ۾ وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو.
عظميٰ خان ايف آءِ ار ۾ اهو به الزام هنيو آهي ته جوابدارن سڄي گهر جو سامان ٽوڙڻ سان گڏوگڏ ٽجوڙيون ٽوڙي قيمتي سامان به ڪڍيو ۽ منٿون ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏئي عثمان ملڪ کان پري رهڻ جو چيو.
اداڪارا موجب هٿياربند جوابدار منهنجي گهر مان لڳ ڀڳ 50 لک رپين جي ماليت جو سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جن ۾ آءِ فونز ۽ هيري جون منڊيون شامل آهن.
عظميٰ خان جي بقول واقعي کانپوءِ خوف سبب اسان ٻه ڏينهن چُپ رهياسين، گڏوگڏ هن اپيل ڪئي آهي ته اسان جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي ۽ انصاف ڏنو وڃي.
The post اداڪارا عظميٰ خان تي تشدد ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment