ڪورونا بحران: وزيراعظم وڌيڪ امداد جو مطالبو ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 28, 2020

ڪورونا بحران: وزيراعظم وڌيڪ امداد جو مطالبو ڪري ڇڏيو


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ترقي پذير ملڪن جي امداد ۾ واڌ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪورونا عالمي معيشت تي خراب اثر ڇڏيا آهن، تنهن ڪري ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا کي قدم کڻڻا پوندا.

وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس ۽ ترقي لاءِ سيڙپڪاري تي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اها وبا هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن سان گڏجي وڙهڻو آهي، ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي.

هن چيو ته ترقي پذير ملڪ ڪورونا وائرس سان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ بيماري سبب غريب طبقي تي وڏو اثر پيو آهي، اسان برآمدن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته جي 20 ملڪن طرفان قرضن ۾ آسانين جا قدم سٺو سنئوڻ آهي، اجلاس ڪرائڻ تي جميڪا، ڪينيڊا ۽ يو اين سيڪريٽري جنرل جا ٿورائتا آهيون، نائجيريا، ايٿوپيا ۽ مصر پاڪستان جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ترقي يافته ملڪن کي گهرجي ته ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪن، ترقي پذير ملڪن جي امداد ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي.

The post ڪورونا بحران: وزيراعظم وڌيڪ امداد جو مطالبو ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages