ابرار الحق به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 31, 2020

ابرار الحق به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو


 

نارووال (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ، هلال احمر چيئرمين ۽ گلوڪار ابرار الحق ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ابرار الحق لکيو ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، جنهن کانپوءِ مان پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي، هلال احمر لاءِ پنهنجون خدمتون آن لائن گهران ئي انجام ڏيندس.

هن درخواست ڪندي چيو ته مون سميت سڀني ڪورونا مريضن لاءِ خاص دعائون ڪيون وڃن.

واضح رهي ته ابرار الحق گذريل ڏينهن علامتون ظاهر ٿيڻ تي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي هئي، جنهن جو نتيجو هاڪاري آيو.

The post ابرار الحق به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages