ملڪ ۾ پيٽرول وڌيڪ سستو ڪرڻ جي سفارش - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

ملڪ ۾ پيٽرول وڌيڪ سستو ڪرڻ جي سفارش


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي.

ذريعن موجب اوگرا طرفان پيٽروليم ڊويزن کي موڪليل سمري ۾ پيٽرول جو اگهه 7 رپيا 6 پئسا في ليٽر تي گهٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 11 رپيا 88 پئسا لاٿ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 پئسا واڌ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب اوگرا لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 9 رپيا 37 پئسا لاٿ جي سفارش ڪئي آهي.

پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي.

The post ملڪ ۾ پيٽرول وڌيڪ سستو ڪرڻ جي سفارش appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages