

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لاڳو لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ وڌيڪ ٽرينون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب وڌيڪ ٽرينون بحال ڪرڻ جو اعلان ريلوي واري وزير شيخ رشيد سڀاڻي لاهور ۾ ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ٽرينون بحال ڪرڻ جو فيصلو مسافرن جي وڌندڙ انگ سبب ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ شيخ رشيد وزيراعظم سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته وڌيڪ مشاورت لاءِ سڀاڻي ريلوي اختيارين جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرينن جي بحالي جو معاملو نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي اجلاس ۾ به بحث هيٺ آيو آهي.
هوڏانهن ٽرينن ۾ حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جي گائيڊ لائنز تي مشاورت، جڏهن ته آن لائن بڪنگ، سيٽن ۾ وٿي ۽ مسافرن جي مانيٽرنگ جو طريقي ڪار طئي ڪيو ويندو.
سڀني ريلوي اسٽيشنز تي حفاظتي قدم وڌيڪ سخت ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽڪيٽ ڪليڪٽر، ايس ٽيز ۽ پوليس سميت ريلوي عملي لاءِ ماسڪ ۽ حفاظتي قدمن جون تدبيرون طئي ٿينديون.
ان ڏس ۾ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پهرين جون کان وڌيڪ 10 مسافر ٽرينون هلائي رهيا آهيون، جنهن کانپوءِ 142 مسافر ٽرينن مان 40 ٽرينون هلڻ شروع ٿي وينديون.
هن چيو ته ٽرينن کي طئي ٿيل ايس او پيز تحت هلايو ويندو، انٽرنيٽ ذريعي بڪنگ سان گڏوگڏ بڪنگ آفيسون به کليل رهنديون، ٽرينن جي بندش سان ريلوي کي ماهوار 5 اربن جو نقصان ٿي رهيو هو.
The post شيخ رشيد جو پهرين جون کان وڌيڪ 10 مسافر ٽرينون هلائڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment