نيب وري شهباز شريف کي سڏائي ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

نيب وري شهباز شريف کي سڏائي ورتو


Nab summons shehbaz sharif

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب ن ليگ صدر شهباز شريف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 2 جون تي طلب ڪري ورتو.

قومي احتساب بيورو مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر طلب ڪيو آهي.

شهباز شريف کي 2 جون تي منجهند 12 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

ن ليگ صدر آخري ڀيرو 22 اپريل تي نيب وٽ پيش ٿيو هو پر نيب ٽيم شهباز شريف جي جوابن مان مطمئن نه ٿي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب شهباز شريف کي ڪيس ۾ پنجون ڀيرو طلب ڪيو آهي پر مخالف ڌر اڳواڻ رڳو هڪ ڀيرو نيب ۾ پيش ٿيو.

The post نيب وري شهباز شريف کي سڏائي ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages