

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ احسن اقبال کي نوٽيس جاري ڪندي 2 جون تي طلب ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن احسن اقبال کي هدايت ڪئي آهي ته هو تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ سموريون شاهديون ۽ ثبوت اسڪروٽني ڪميٽي کي پيش ڪري ۽ جيڪڏهن هو اليڪشن ڪميشن ۾ 2 جون تي صبح 11 وڳي پيش نه ٿيو ته ان جي غير حاضري ۾ ئي فيصلو ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن 29 مئي تي جاري نوٽيس ۾ احسن اقبال کي واضح ڪيو هو ته هو پاڻ يا پنهنجي وڪيل ذريعي فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ پيش ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته احسن اقبال اليڪشن ڪميشن کي خط لکي 5 سالن کانپوءِ ٻڌڻي هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس جي روزاني بنيادن تي ٻڌڻي جو مطالبو ڪيو هو.
The post تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ احسن اقبال اليڪشن ڪميشن طلب appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment