وفاق المدارس تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 31, 2020

وفاق المدارس تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق المدارس العربيه پاڪستان ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي حڪومتي هدايتن تي بند ڪيل مدرسن کي ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وفاق المدارس العربيه جو اجلاس مولانا قاضي عبدالرشيد جي صدارت هيٺ جامعه اشرفيه ۾ ٿيو، جنهن ۾ 2 جون کان مدرسن ۾ داخلا ۽ 12 جون کان تعليمي ڪلاسن شروعات جو اعلان ڪيو ويو.

اجلاس ۾ مولانا قاضي عبدالرشيد جو چوڻ هو ته صدر عارف علوي سان گڏ تيار ڪيل 20 نڪاتي ايس او پيز تي ڪنهن شعبي عمل نه ڪيو، تنهن ڪري جڏهن شاپنگ مال، ٽرانپورٽ، بازارون کلي سگهن ٿيون ته مدرسن ڇو نه؟

هن چيو ته حتمي فيصلو وفاق المدارس العربيه ۽ اتحاد تنظيمات المدارس جي قيادت ڪندي.

The post وفاق المدارس تعليمي سرگرميون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages