پاڪستاني امن دستا دنيا ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

پاڪستاني امن دستا دنيا ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف


ڪشميرين

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ امن دستن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

امن دستن جو عالمي ڏينهن هر سال 29 مئي تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا جي امن دستن جي ڪوششن ۽ انساني همدردي جي سرگرمين جو اعتراف ڪري انهن کي بهترين انداز ۾ خراج پيش ڪرڻ آهي.

ٻين ملڪن جيان پاڪستان به 60 ورهين کان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو پيو اچي.

گڏيل قومن جي امن مشنز لاءِ پاڪستان جي خدمتن جي شروعات 1960 ۾ ڪانگو کان ٿي.

پاڪستان هيل تائين دنيا جي تقريبن 28 ملڪن ۾ 2 لک کان وڌيڪ فوج سان گڏج 46 گڏيل مشنز ۾ حصو وٺي چڪو آهي، جڏهن ته گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ پاڪستان يو اين امن مشنز ۾ مستقل طور سهڪار ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ملڪ رهيو آهي.

هن وقت پاڪستاني فوجي دستا ڪانگو، سينٽرل آفريقن ريپبلڪ، ڏکڻ سوڊان، دارفور، صوماليا، اولهه صحارا، ماليا ۽ قبرص  ۾ مقرر آهن، جڏهن ته پاڪستان يو اين امن مشنز ۾ عورت پيس ڪيپرز کي موڪلڻ واحد ملڪ آهي.

مختلف خطن ۾ امن لاءِ هيل تائين 24 آفيسرن سميت 157 پاڪستاني جوان پنهنجون حياتيون قربان ڪري چڪا آهن.

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا امن مشنز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي بهادر امن دستن جي قرباني جي جذبي کي ياد  ڪري ٿو.

هن چيو ته پاڪستاني امن دستا دنيا ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن، گڏيل قومن جي چارٽر تحت عالمي امن لاءِ پاڪستان جو عزم نه ڊهندڙ آهي.

The post پاڪستاني امن دستا دنيا ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages