پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو فنانس مئنيجر ڪورونا وائرس سبب فوت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو فنانس مئنيجر ڪورونا وائرس سبب فوت


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو جنرل مئنيجر فنانس آصف سهيل ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

پنجاب جي صحت کاتي موجب 68 ورهين جي آصف سهيل ۾ 6 ڏينهن اڳ ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيون هيون، هن ٽيسٽ ڪرائي ته نتيجو هاڪاري آيو.

صحت اختيارين موجب ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ آصف سهيل کي پاڪستان ليور اينڊ ڪڊني انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ هو لاڏاڻو ڪري ويو.

پنجاب جي صحت کاتي موجب آصف سهيل 8 سالن کان ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۾ فرض انجام ڏئي رهيو هو.

The post پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جو فنانس مئنيجر ڪورونا وائرس سبب فوت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages