

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شروعاتي جاچ رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۽ عوام سامهون پيش ڪنداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي غلام سرور خان حادثي جي جاچ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو اهم سوال اهو آهي ته جهاز 3 ڀيرا رن وي سان ٽچ ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر اڏايو ويو، جهاز جا ٻئي ريڪارڊنگ باڪس ملي چڪا آهن، جهاز ڪنهن جي چوڻ تي هيٺ آيو ۽ پوءِ ڪنهن جي چوڻ تي اڏايو ويو، خبر پئجي ويندي.
سندس چوڻ هو ته مان حادثي واري هنڌ جو پاڻ معائنو ڪيو، حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن ۽ بچي ويلن سان ملاقات ٿي، جهاز حادثي ۾ 12 کان 15 گهر متاثر ٿيا، 51 مڙهه ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.
هن چيو اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد مڙهه وارثن حوالي ڪيا وڃن، فوتين جي وارثن کي 10 لک رپيا معاوضو ۽ باقي انشورنس ڪمپني ڏيندي، حادثي ۾ متاثر گهرن کي به معاوضو ڏنو ويندو.
غلام سرور خان موجب حادثن جو رپورٽون وقت تي ناهن اينديون، جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي، وزيراعظم به چيو ته اڄ تائين ائين ڇو ناهي ٿيو ته وقت سر رپورٽ اچي، اسان سڀني 12 واقعن جي رپورٽ سامهون آڻينداسين، گهٽ وقت ۾ شفاف جاچ ۽ سموري ڄاڻ عوام سامهون رکڻ اسان جي ذميواري آهي، شهيدن جي پونيئرن کي شفاف جاچ جي خاطري ڪرايان ٿو.
وفاقي وزير چيو ته ذميوار انجام تي پهچندو، جيڪڏهن جهاز ۾ ڪا فني خرابي هوندي ته اها به ريڪارڊ ۾ هوندي، انڪوائري بورڊ سموريون شيون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آهن، وائس ۽ ڊيٽا ٻئي ريڪارڊنگ تي آهن، ڊي ڪوڊنگ کانپوءِ حقيقتون سامهون اچي وينديون.
هن چيو ته مان پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 12 حادثا اهڙا ٿيا، جن مان 10 پي آءِ اي جا آهن، انهن سڀني حادثن تي رپورٽ وقت تي نه آئي، وزيراعظم اڄ ميٽنگ ۾ سڀني تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، شروعاتي رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪنداسين، سمورا واقعا عوام ۽ پارليامينٽ سامهون رکنداسين، ڪنهن کي بچائڻ يا ڦاسائڻ جو ڪنفيوزن نه هجڻ گهرجي، ان کان اڳ جيترن به حادثن جون رپورٽون پبلڪ نه ڪيون ويون اسان پبلڪ ڪنداسين، تبصرن بدران اعتماد ڪيو وڃي، هر شئي ريڪارڊڊ ۽ ڊاڪيومينٽڊ آهي.
سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي ۾ جعلي ڊگرين جو به ذڪر رهيو، تصديق تي خبر پئي ته ڪجهه پائلٽس ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جون ڊگريون جعلي هيون، ان معاملي کي به گهري نظر سان ڏسي رهيا آهيون.
The post حڪومت جو سڀني حادثن جون رپورٽون پبلڪ ڪرڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment