

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج يوم تڪبير جي حوالي سان پيغام جاري ڪندي ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ شخصيتن، ايٽمي پروگرام جي خالق، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي سلام پيش ڪيو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 28 مئي تي پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪري خطي ۾ طاقت جي توازن کي بحال ڪيو.
يوم تڪبير جي حوالي سان ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي بيان ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته پاڪستان 28 مئي 1998 ۾ ڪاميابي سان ايٽمي تجربا ڪيا ۽ اعتبار جوڳي دفاعي صلاحيت حاصل ڪئي.
ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙ سڀني شخصيتن کي سلام پيش ڪيون ٿا، ايٽمي پروگرام جي خالق، سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي به سلام پيش ڪيون ٿا، پاڪستان زنده آباد.
واضح رهي ته پاڪستان کي ايٽي قوت حاصل ڪندي 22 سال مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ان ئي مناسبت سان اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير ملهايو ويو.
The post يوم تڪبير: پاڪ فوج جو سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي سلام appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment