

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل واضح ڪيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ناهي ٿيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جي حوالي سان وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020 پوئتي ڪرڻ جون خبرون درست ناهي، ميگا ايونٽ جون تياريون جاري آهن ۽ ڪووڊ 19 سبب تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال کي ڏسندي ڪيترن ئي متبادل منصوبن کي پرکيو پيو وڃي.
ياد رهي ته ڀارت طرفان انڊين پريميئر ليگ 2020 جون ميچون آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ ڪرائڻ جو اشارو ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ملتوي ڪيو ويندو.
آسٽريليا جي ميڊيا ۾ رپورٽون هيون ته ڀارت جو بااثر بورڊ آءِ پي ايل ڪرائڻ لاءِ ورلڊ ڪپ ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿو.
هوڏانهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اهڙين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو هو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 18 آڪٽوبر کان آسٽريليا ۾ شروع ٿيندو پر ڪورونا وائرس سبب ان جي ملتوي ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.
عالمي ڪپ 15 نومبر تائين جاري رهندو، جنهن ۾ 45 ميچون کيڏيون وينديون ۽ 16 ٽيمون ٽائيٽل ماڻڻ لاءِ زور ڏينديون.
The post ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون تياريون جاري آهن: آءِ سي سي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment