![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2020/05/humaima-malik.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2020/05/humaima-malik.jpg)
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حميمه ملڪ جي حوالي سان نومبر 2019ع ۾ اها خبر سامهون آئي هئي ته هن پراڻي دوست اڪبر ڊيڍي سان مڱڻي ڪئي آهي پر انهن خبرن جي تصديق نه ٿي سگھي هئي.
پر هاڻ اداڪارا ٻڌايو آهي ته هوءَ ڪهڙي قسم جي شخص سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
حميمه ملڪ پنهنجي ڀيڻ اداڪارا دعا ملڪ سان گڏ هڪ خانگي ٽي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شادي بابت ڳالهايو.
پروگرام جي ميزبان طرفان شادي لاءِ پسنديده شخص جي سوال تي حميمه ملڪ کلندي جواب ڏنو ته آئون هڪ اهڙي شخص سان شادي ڪنديس جنهن جو رنگ اڇو، قد ڊگھو، پيسي وارو هجي، هن وٽ گاڏي به هجي ۽ جنهن جي اکين جو رنگ نيرو هجي.
The post حميمه ملڪ ڪنهن سان شادي ڪندي؟ٻڌو سندس زباني appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment