اسلام آباد ۾ فائرنگ، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اي ايس آءِ شهيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 27, 2020

اسلام آباد ۾ فائرنگ، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اي ايس آءِ شهيد


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي علائقي ترنول ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري  ڊيوٽي تي موجود هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ترنول جي علائقي ۾ رات دير سان شهيد ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل جي سڃاڻپ محمد سجاد ۽ اي ايس آءِ جي سڃاڻپ محسن ظفر جي نالي سان ٿي.

ان کانپوءِ شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي جنهن آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار خان، سينيئر پوليس آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي.

آءِ جي اسلام آباد محمد عامر ذوالفقار خان چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري  انجام تائين پهچايو ويندو.

هن چيو ته اسلام آباد پوليس جو هر آفيسر ۽ جوان شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پنهنجو رت وهائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، بزدلاڻين ڪارروائي سان پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا پست نه ٿيندا.

The post اسلام آباد ۾ فائرنگ، هيڊ ڪانسٽيبل ۽ اي ايس آءِ شهيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages