ڪورونا وائرس شگر جي مريضن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

ڪورونا وائرس شگر جي مريضن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي


 

شگر جي هر 10 مان هڪ مريض ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي صورت ۾ اسپتال وڃڻ جي 7 ڏينهن کانپوءِ ئي پنهنجي زندگي وڃائي سگهي ٿو.

اهو انڪشاف هڪ تازي سائنسي مطالعي جي نتيجن ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪي جمعي ڏينهن هڪ رسالي ۾ شايع ٿيا.

ان مطالعي دوران شگر جي 1300 مريضن جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق موجب 75 ورهين کان وڌيڪ عمر جي مريضن ۾ 55 ورهين کان گهٽ عمر جي مريضن جي ڀيٽ ۾ موت جي شرح 14 سيڪڙو وڌيڪ رهي.

ڪورونا وائرس سان دل، بلڊ پريشر ۽ ڦڦڙن جي مرضن ۾ مبتلا مريضن کي به خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

The post ڪورونا وائرس شگر جي مريضن لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages