في الحال شادي جي طلب ناهي: عائشا عمر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

في الحال شادي جي طلب ناهي: عائشا عمر


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته دنيا مان سڀ مرد ختم ٿي وڃن ۽ رڳو قائم علي شاهه، چوڌري شجاعت، رانا ثناءُالله ۽ شيخ رشيد بچن تي هوءَ شيخ رشيد سان شادي ڪندي.

هڪ انٽرويو ۾ ماڊل ۽ اداڪارا عائشا عمر کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن آفت سبب دنيا جا سڀ مرد ختم ٿي وڃن ۽ رڳو قائم علي شاهه، چوڌري شجاعت، رانا ثناءُالله ۽ شيخ رشيد بچن ته هوءِ ڪنهن سان شادي ڪندي جنهن تي عائشا عمر چيو ته شيخ رشيد جي چونڊ ڪنديس ڇو جو شيخ رشيد مزاحيه شخصيت جو مالڪ آهي.

هن چيو ته ماڻهو شادي ان ڪري ڪندا آهن چو جو کين ٻار گھرجندا آهن پر اڃا آئون پاڻ ٻارڙي آهيان ۽ شادي جو ڪو به ارادو نه آهي، اسان جي معاشري ۾ لڳندو آهي ته شادي زندگي سنواريندي آهي پر اصل ۾ شادي زندگي کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، اڃا شادي جي ضرورت نه آهي جڏهن ڪنديس ته سڀني کي گھرائينديس.

The post في الحال شادي جي طلب ناهي: عائشا عمر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages