ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شيهان مادوشناڪا کي مبينا طور تي هيروئن رکڻ تي هر قسم جي ڪرڪيٽ کان معطل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سريلنڪا جي ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته نوجوان بالر کي هيروئن رکڻ جي الزام ۾ ٽئي ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هو پوليس جي ريمانڊ ۾ هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شيهان مادوشنا جي ڪار ۾ مبينا طور تي هيروئن موجود هئي جيڪا پوليس کي 24 مئي تي هٿ آئي هئي.
هنن چيو ته ڪرڪيٽ کان 2 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات هٿ آئي آهي.
پوليس موجب فاسٽ بالر کي گرفتار ڪرڻ بعد مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو ويو هو پر هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ تائين کيس قيد ۾ رکيو ويندو.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي بيان ۾ چيو ته شيهان ان وقت تائين معطل رهندو جيستائين بورڊ ان معاملي جتي مڪمل انڪوائري نه ڪندي.
The post سريلنڪن فاسٽ بالر منشيات رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment