راجر فيڊرر ڪمائي ۾ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي، رونالڊو جو ٻيو ۽ ميسي جو ٽيون نمبر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

راجر فيڊرر ڪمائي ۾ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي، رونالڊو جو ٻيو ۽ ميسي جو ٽيون نمبر


 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) سوئس ٽينس اسٽار راجر فيڊرر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ پئسو ڪمائيندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ پهريون نمبر ماڻي ورتو.

مشهور آمريڪي ڪاروباري رسالي فوربز طرفان سال دوران سڀ کان وڌيڪ پئسو ڪمائيندڙ عالمي ايٿليٽس جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي.

فهرست موجب سوئس ٽينس اسٽار ۽ 20 ڀيرا گرينڊ سلم چيئمپيئن راجر فيڊرر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ ايٿليٽس ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ گذريل 12 مهينن دوران سندس ڪُل آمدني 106.3 ملين ڊالر رهي.

وڌيڪ ناڻو ڪمائيندڙ ايٿليٽس جي فهرست ۾ پرتگال جو جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو 105 ملين ڊالرن سان ٻئي، جڏهن ته ارجنٽينا جو ليونل ميسي 104 ملين ڊالر ڪمائي ٽئين نمبر تي رهيو آهي.

واضح رهي ته ٻئي اسٽار فٽبالر گذريل 4 ورهين کان ان فهرست ۾ 3 ڀيرا ٽاپ فائيو ۾ رهي چڪا آهن.

فوربز جي فهرست ۾ برازيل جي فٽبالر نيمار چوٿون نمبر ماڻيو آهي، جنهن جي آمدني 95.5 ملين ڊالر رهي، جڏهن ته لاس اينجلس ليڪرز جو اين بي اي اسٽار ليبرون جيمز 88.2 ملين ڊالرن سان پنجين نمبر تي آهي.

The post راجر فيڊرر ڪمائي ۾ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي، رونالڊو جو ٻيو ۽ ميسي جو ٽيون نمبر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages