”ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ واري ڪوشش جو جواب ڏنو ويندو“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, May 25, 2020

”ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ واري ڪوشش جو جواب ڏنو ويندو“


راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارت والارلي ڪشمير ۾ ناڪامين جو ذمو پاڪستان تي وجهڻ چاهي، پاڪ فوج مادر وطن جي ڀرپور دفاع جي صلاحيت رکي ٿي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خانگي ٽي وي چينل اي آر واءِ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو جواب ڏنو ويندو.

جنرل قمر جاويد باوجوه چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غير انساني سلوڪ جاري رکيو آهي، پاڪ فوج خطرن جي شدت کان پوري طرح باخبر آهي، قوي اميدن جي موجب فرضن جي ادائيگي جي لاءِ هر وقت تيار آهيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت فورسز ڪشميرين جي جذبي کي دٻائي نٿي سگهي، ڪشميري يو اين ٺهرائن جي موجب رائي شماري جا اڄ به منتظر آهيون، والاريل ڪشمير ۾ رائي شمار  سان ڀارتي ظلمن جا خوفناڪ نتيجا بي نقاب ٿيندا.

The post ”ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل ڪرڻ واري ڪوشش جو جواب ڏنو ويندو“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages