

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل خبردار ڪيو آهي ته ڀارت کان مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2021 جي ميزباني واپس وٺي سگهجي ٿي.
ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي پنهنجي حڪومت کان ٽورنامينٽ لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
ويب سائيٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ٻن مهينن کان جاري اي ميلز جي ڏي وٺ جي حوالي سان ٻڌايو ته آءِ سي سي جي جنرل ڪائونسل جوناٿن هال 29 اپريل تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته بي سي سي آءِ جي غير امڪاني حالتن بابت شق جي باري ۾ نوٽيفڪيشن جي روشني ۾ معاهدي جي ميزبان ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ تي لاڳو ذميواريون اجاڳر ڪنداسين.
جوناٿن هال وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي جي بزنس ڪارپوريشن 18 مئي کانپوءِ ڪنهن به وقت معاهدو فوري طور ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي، بي سي سي آءِ طرفان آءِ سي سي کي هلندڙ سال 18 مئي تائين غير مشروط تصديق فراهم ڪرڻي هئي ته انهن پراڻي مسئلي جو حل ڳولي رهيو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪورونا کي بنياد بڻائي ڊيڊ لائن ۾ 30 جون تائين واڌ چاهي ٿو، جنهن کي آءِ سي سي رد ڪري ڇڏيو آهي.
The post ڀارت کان ايندڙ سال عالمي ڪپ جي ميزباني کسجڻ جو امڪان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment