”ڀارت ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو رستو روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي انگلينڊ کان هارايو“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 28, 2020

”ڀارت ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو رستو روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي انگلينڊ کان هارايو“


 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اسٽار آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڀارت ورلڊ ڪپ 2019 ۾ پاڪستان جو رستو روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي انگلينڊ کان هارايو.

بين اسٽوڪس پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارت ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو نه پئي ڪرڻ چاهيو، هو پنهنجي لاءِ نيوزيلينڊ کي آسان هدف سمجهي رهيو هو، جنهن سيمي فائنل ۾ ان کي شڪست جو مزو چکايو.

ورلڊ ڪپ جي هيرو بين اسٽوڪس ڀارتي ٽيم جي بيٽنگ تي به سوال اٿاريا ۽ چيو ته جهڙي ريت ڀارت بيٽنگ ڪئي، لڳو ئي نه ته انهن ميچ کٽڻ پئي چاهي، اڳ ۾ ويرات ڪوهلي، روهت شرما ۽ پوءِ ايم ايس ڌوني جي بيٽنگ تي مون کي حيرت ٿي.

گذريل سال ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ دوران برمنگهم ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ ڀارت جي ڪاميابي پاڪستان کي سيمي فائنل تائين پهچائي پئي سگهي پر ڀارت ان ميچ ۾ انگلينڊ هٿان 31 رنسن تان شڪست کاڌي، 337 رنسن جي جواب ۾ ڀارت 5 وڪيٽن جي نقصان تي 306 رنسون ٺاهيون هيون.

انگلش آل رائونڊر ان ميچ ۾ ڀارت جي حڪمت عملي تي سوال اٿاريا آهن، هن خاص طور تي ڌوني ۽ ڪيدر جاڌو جي بيٽنگ تي شڪ شبهن جو اظهار ڪيو آهي.

بين اسٽوڪس موجب ٻنهي پر خاص طور ايم ايس ڌوني آخري 10 اوورن ۾ ڪاميابي جي ڪوشش بدران وڪيٽ تي ترسڻ کي ترجيح ڏني ۽ بائونڊريز بدران سنگلز وٺندو رهيو، ڀارت ميچ کٽي پئي سگهي، ان کي آخري 11 اوورن ۾ 112 رنسون گهربل هيون پر مخالف ٽيم رڳو 81 رنسون ٺاهي سگهي.

هن روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي بيٽنگ حڪمت عملي تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ٻئي ڪنهن به حساب سان اسان تي دٻاءُ وجهڻ جي موڊ ۾ نظر نه آيا ۽ رڳو وڪيٽ تي وقت گذاريو، جنهن جو انگلينڊ کي فائدو ٿيو.

اسٽوڪس جي اهڙن انڪشافن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سوال اٿي رهيا آهن ته ڇا ڀارت ڄاڻي واڻي پاڪستان کي ٻاهر ڪرڻ لاءِ ميچ هارائي؟ ڇو ته جيڪڏهن ڀارت ميچ کٽي ها ته پاڪستان بنگلاديش کي هارائي ٽاپ فور ۾ پهچي وڃي ها.

The post ”ڀارت ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جو رستو روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي انگلينڊ کان هارايو“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages