هدايتون ڏنيون وڃن ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا: شيخ رشيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 28, 2020

هدايتون ڏنيون وڃن ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا: شيخ رشيد


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا، پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان ريلوي واري وزير شيخ رشيد ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال، پاڪستان ريلوي توڙي ڪورونا وائرس جي معاملي تي خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شيخ رشيد آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هدايتون ڏنيون وڃن ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا، شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻايو ويندو.

ريلوي واري وزير وڌيڪ ٽرينون هلائڻ جي حوالي سان سهولتن جي فراهمي ۽ ضابطي ڪار بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ٽرينن جو اگهه وڌائڻ يا نه وڌائڻ جي حوالي سان اتفاق ڪيو ويو، جنهن بابت حتمي فيصلو 31 مئي تي ٿيندو.

The post هدايتون ڏنيون وڃن ته وڌيڪ ٽرينون هلائي سگهون ٿا: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages