

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته ايٽمي ڌماڪا ڪرڻ لاءِ نواز شريف وڏو معاشي پيڪيج ٿڏي ڇڏيو ۽ اڄوڪي ڏينهن ملڪ کي نئون استحڪام بخشيو.
پاڪستان اڄ کان 22 سال اڳ نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ڀارت طرفان ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ 28 مئي 1998 ۾ بلوچستان صوبي جي ضلعي چاغي واري هنڌ 5 ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪيا، جنهن کانپوءِ ان ڏينهن کي يوم تڪبير جي نالي سان منسوب ڪيو ويو.
يوم تڪبير جي موقعي تي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته اڄوڪي ڏينهن ن ليگ حڪومت ملڪ کي نئون استحڪام بخشيو، اسان دنيا سامهون ڳاٽ اوچو ڪري جيئڻ چاهيون ٿا ۽ ملڪي بچاءَ تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت جو سربراهه ڪنفيوزڊ آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جارحيت جاري رکيو پيو اچي ۽ والاريل ماٿري بي ڏوهه ڪشميرين جي رت سان ڳاڙهي ٿي رهي آهي.
The post ن ليگ اڄوڪي ڏينهن ملڪ کي نئون استحڪام بخشيو: شهباز شريف appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment