فروغ نسيم قانون واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, June 1, 2020

فروغ نسيم قانون واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب فروغ نسيم قانون واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻ هو سپريم ڪورٽ ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فروغ نسيم سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بابت ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندو.

واضح رهي ته ان کان اڳ به فروغ نسيم 26 نومبر تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي ته جيئن هو سپريم ڪورٽ ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت ڪيس ۾ جنرل قمر جاويد باجوا جي پيروي ڪري سگهي.

استعيفيٰ کانپوءِ بئريسٽر فروغ نسيم آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت ڪيس ۾ جنرل قمر جاويد باجوا طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ ڪيس جي پيروي ڪئي.

پوءِ حڪومت سينيٽر فروغ نسيم کي ٻيهر قانون واري وفاقي وزير جو عهدو سونپيو هو.

The post فروغ نسيم قانون واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages