

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل ڪيس ۾ جوابدارن جي رهائي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي سنڌ حڪومت جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جي شروعات ۾ جسٽس منظور ملڪ چيو ته فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ درخواست ۾ اڻ لاڳاپيل قلمن جو حوالو ڏنو ويو آهي، سڀ کان اڳ ڊينيئل پرل جي اغوا کي ٿابت ڪرڻو پوندو، شاهدين مان ثابت ڪرڻو پوندو ته مغوي ڊينيئل پرل ئي هو.
جسٽس منظور ملڪ چيو سنڌ حڪومت جي دعويٰ آهي ته راولپنڊي ۾ سازش تيار ٿي، راولپنڊي ۾ ڪهڙي سازش ٿي اهو به شاهدين مان ثابت ڪرڻو پوندو، جائزو وٺڻو پوندو ته اعترافي بيان ۽ سڃاڻپ پريڊ قانون موجب ٿي يا نه؟ حقيقتن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
عدالت سنڌ حڪومت جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي، توهان سزا معطلي جي درخواست ۾ جيڪي نڪتا اٿاريا، اهي سڀ اڻ لاڳاپيل آهن، توهان کي عدالت طرفان اٿاريل سوالن تي مطمئن ڪرڻو پوندو، توهان کي اهو به ٻڌائڻو پوندو ته ڀنگ خاطر اغوا لاءِ آمريڪي صحافي کي قتل ڪيو ويو.
عدالت پڇيو ته جن فوجداري شقن تحت ٽرائل ڪورٽ سزا نه ڏني، ڇا انهن نڪتن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو؟ دهشتگردي جي خاتمي جا قلم نظرانداز ڪري ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڇا هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو؟ توهان جن فرانزڪ شاهدين تي ڀاڙي رهيا آهن اسان انهن جو به جائزو وٺنداسين.
عدالت چيو ته ڪيس جا ڪجهه دستاويز اڻپورا آهن، اهي به پيش ڪيا وڃن.
سنڌ حڪومت جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته ان ڪيس ۾ ڊينيئل پرل جي والدين به ڌر بڻجڻ جي اپيل ڪئي آهي، مقتول جا والدين ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڌر نه هئا.
عدالت جي پڇاڻي تي سنڌ حڪومت ٽرائل ڪورٽ جو رڪارڊ جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو ۽ سپريم ڪورٽ جوابدارن جي رهائي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
عدالت ڊينيئل پرل ڪيس ۾ اپيل جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ آمريڪي صحافي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر سنڌ حڪومت ۽ مقتول جي والدين جوابدارن جي بريت کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.
The post ڊينيئل پرل ڪيس جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل رد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment