

اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جاري پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان پنهنجي وڪيل بابت اعواڻ کي تبديل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ جي جاءِ تي هن جو معاون عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌڻي دوران وزيراعظم عمران خان طرفان پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ کي تبديل ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي.
درخواست ۾ وڪيل جي معاون اپيل ڪئي ته بابراعواڻ وزيراعظم عمران خان جو مشير مقرر ٿي چڪو آهي تنهنڪري نئون وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.
عدالت جوابدارن جو وڪيل تبديل ڪرڻ لاءِ وقت جي اپيل منظور ڪري ورتي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 29 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
The post پي ٽي وي-پارليامينٽ حملو ڪيس: وزيراعظم پاران وڪيل بابر اعواڻ کي تبديل ڪرڻ جي درخواست appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment