ڊيم ٺهڻ سان ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي: چيف جسٽس - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, June 1, 2020

ڊيم ٺهڻ سان ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي: چيف جسٽس


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ڊيم ٺهڻ سان ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي، ڊيم ۾ استعمال ٿيندڙ زمين بابت سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ ۾ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جي پڇاڻي تي واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) جي وڪيل ٻڌايو ته ديامر ڀاٽا ڊيم تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي ۽ جولاءِ 2028 ۾ ان جي اڏاوت مڪمل ٿي ويندي، جڏهن ته مهمند ڊيم تي ڪم شيڊيول موجب جاري آهي ۽ ڊيم جا ٽئي يونٽ جولاءِ 2025 ۾ مڪمل ٿي ويندا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڊيم ٺهڻ سان ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي، ڊيم ۾ جيڪا زمين استعمال ٿي رهي آهي، ان ۾ جيڪي مسئلا آهن اهي حل ڪيو، مهمند ڊيم ۾ عثمان خيل ۽ برهان خيل جي زمين جو مسئلو هلي رهيو آهي.

واپڊا اختيارين چيو ته عثمان خيل ۽ برهان خيل ۾ 32 گهراڻا آهن ۽ اها زمين به اسان کي گهربل ناهي، پهرين مرحلي ۾ جيڪا زمين اسان کي گهربل هئي، اها حاصل ڪري چڪا آهيون.

ٻڌڻي دوران عدالت ٻاهرين ملڪن مان ڊيمز فنڊ ۾ ايندڙ رقم جا تفصيل اسٽيٽ بئنڪ کان طلب ڪري ورتا.

اسٽيٽ بئنڪ اختيارين جو چوڻ هو ته ڊيم فنڊ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ انويسٽ ڪيو وڃي ته وڌيڪ منافعي سان خطرو به هوندو، ڊيم فنڊز جو پئسو جتي لڳايو ويو آهي، اتي نفعو به ٺيڪ آهي ۽ سيڪيورٽي به آهي، جڏهن ته فنڊ ۾ رقم جمع ڪرائڻ بابت سفارتخانن کي خط لکي ڇڏيا آهن.

چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته خط لکڻ سان ڇا ٿيندو؟ ڪنهن سان فون تي ڳالهايو.

جسٽس اعجاز الاحسن جو چوڻ هو ته ڪو پاڪستاني اهڙي هنڌان پئسو موڪلڻ چاهي ٿو، جتي پاڪستاني بئنڪ نه هجي ته ان صورت ۾ لاڳاپيل سفارتخانن کي رقم جي پاڪستاني منتقلي جو پتو هجڻ گهرجي.

عدالت عظميٰ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ڪيس جي ٻڌڻي 6 مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

The post ڊيم ٺهڻ سان ڪنهن سان ڪا ناانصافي نه ٿيندي: چيف جسٽس appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages