

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) کنڊ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي معاملي تي ڪارروائي لاءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) 11 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي.
ايف آءِ اي جي انڪوائري ٽيم جو سربراهه ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اسلام آباد زون ڊاڪٽر معين مسعود هوندو.
وفاقي جاچ اداري جي ٽيم جعلي طور کنڊ افغانستان موڪلڻ رڻ جي معاملي جي جاچ ڪندي.
جاچ ٽيم ۾ ڪسٽمز، ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر سميت اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل آهن.
ايف آءِ اي جي ٽيم مني لانڊرنگ جي حوالي سان جاچ ڪندي.
واضح رهي ته وفاقي ڪابينا 23 جون تي شگر ڪميشن جي رپورٽ تي ڪارروائي جي منظوري ڏني هئي.ط
The post کنڊ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي جي 11 رڪني ٽيم قائم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment