پي آءِ اي جو 15 آگسٽ کان پيرس مان پاڪستان لاءِ اڏامون هلائڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, July 31, 2020

پي آءِ اي جو 15 آگسٽ کان پيرس مان پاڪستان لاءِ اڏامون هلائڻ جو فيصلو


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) 15 آگسٽ کان پيرس کان پاڪستان جي لاءِ اڏامون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي پيرس جي چارٽرڊ فلائٽ کي اسلام آباد لينڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پي آءِ اي جي خاص چارٽر اڏامن جي ذريعي پيرس سان مسافرن کي وطن پهچايو ويندو.

ترجمان ٻڌايو ته 15 آگسٽ تي پيرس کان اسلام آباد جي لاءِ اڏام آپريٽ ڪئي ويندي، 16 آگسٽ تي اسلام آباد کان مسافر پيرس جي لاءِ روانا ٿيندا، 29 آگسٽ تي پيرس کان اسلام آباد جي لاءِ اڏام آپريٽ ڪئي ويندي ۽ پوءِ 30 آگسٽ تي اسلام آباد کان اڏام پيرس رواني ٿيندي.

The post پي آءِ اي جو 15 آگسٽ کان پيرس مان پاڪستان لاءِ اڏامون هلائڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages