

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميرين سان ٻڌي جي اطهار لاءِ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائينداسين.
اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وزير شبلي فراز ۽ وزير اعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف سان گڏ پريس ڪانفرنس ودران شاهه محمود قريشي چيو ته اڄوڪو ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير کي 3 حصن ۾ ورهائڻ جي سازش هئي، ڀارت ڪشميرين جو جهنڊو ڦريو، هنن جي سڃاڻپ مٽائڻ جيڪوشش ڪئي، هندو پنڊت، لداخ جي ٻڌمت يا وادي جي مسلمان ڪنهن ورڇ کي قبول ناهي ڪيو، اڄ شائننگ انڊيا سلگي رهيو آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جو رت شامل آهي، اسان ان جدوجهد ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺا آهيون. آخري فتح تائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهنداسين، نه ڪشميري جهڪندا ۽ نه ئي پاڪستان جي فوج پوئتي هٽندي، رت ڳالهائيندو آهي ۽ اُهو ڳالهائيندو، ايل او سي تي ڏيکاري رهيا آهن ته ڀارت ڪهڙيون حرڪتون ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جون سرگرميون معطل آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڏيکاءَ لاءِ انٽرنيٽ کوليو ويو، والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون دنيا کي ڪشميرين جي بي حسي جو احساس ڏياريو. ڪورونا کان پوءِ دنيا کي خبر آهي ته لاڪ ڊائو ڪيو آهي؟ اسان دنيا کان والاريل ڪشمير بابت عملي ڪم ڏيکارڻ چاهيون ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهيون.
شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي هدايت تي ڪشمير مسئلو دنيا جي سامهون اجاڳر ڪيو، اسان هجون نه هجون، پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو موقف تاريخ جو حصو بڻجي رهيو آهي، هڪ سال ۾ ڪشمير مسئلو 3 ڀيرا سلامتي ڪونسل ۾ کنيو ويو، هيومن رائٽس ڪونسل جينيوا ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪيو، عالمي تنظيمن طرفان ڀارت جي غاصباڻي پاليسي تي تنقيد ڪئي آهي.
پرڏيهي وزير ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان 5 آگسٽ 2020ع تي گڏجي ڪشميرين کي پيغام ڏيڻو آهي ته سياسي ڌڙا بازي جي باوجود ڪشميرين جي معاملي تي اسان گڏ آهيون، اسان جي نظر سري نگر تي آهي، ڪشمير هاءِ وي کي 5 آگسٽ تي سري نگر هاءِ وي جو نالو ڏنو ويندو. سري نگر هاءِ وي اسان کي ڪشمير تائين وٺي ويندو.
The post پاڪستان جو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ملهائڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment