

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس بابت نئين مطالعي ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته نئون ڪورونا وائرس ڏهاڪن کان چمڙن ۾ گردش ڪندو رهيو آهي.
نيچر مائڪرو بائيولوجي ۾ شايع ٿيل مطالعي ۾ پنسلوينيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته خطرناڪ ڪورونا پکيڙيندڙ ذريعو هارس شو چمڙا آهن.
سائنسدانن موجب، وائرس جي پکيڙ بابت گهڻو بحث ڪيو ويو، جيئن ته اها وبا معيشيتن جو رستو روڪيون پئي اچي، جنهن سبب 6 لک 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري به چڪا آهن.
آمريڪي حڪومت طرفان اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ته ڪورونا وائرس چيني ليب مان نڪتو هو، جنهن بعد ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن معاملي جو مطالعو ڪرڻ ماهرن کي چين موڪليو هو..
The post ڪورونا ڏهاڪن کان چمڙن ۾ گردش ڪري پيو: نئون مطالعو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment