حريم شاهه جو پ پ ۽ ن ليگ جا پول پڌرا ڪرڻ جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

حريم شاهه جو پ پ ۽ ن ليگ جا پول پڌرا ڪرڻ جو اعلان


لاهور(ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه عيدالاضحيٰ کان پوءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي خلاف انڪشافن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسڪينڊلز جي وڪڙ ۾ رهندڙ حريم شاهه ماضي ۾ جتي حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ کي نشانو بڻايو ته اُتي ئي وري ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار کي به سوشل ميڊيا تي تماشو بڻايو.

سندس چوڻ هو ته اڳيون وارو پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي، ٻڪرا عيد کان پوءِ ٻنهي پارٽين جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪنديس.

حريم شاهه خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته منهنجي پسنديده پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف آهي ۽ منهنجون سموريون همدرديون به هن سان گڏ آهن، آئون اميد ڪيان ٿي ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائيندي جيئن هو اڳتي لاءِ به اقتدار ۾ اچي.

The post حريم شاهه جو پ پ ۽ ن ليگ جا پول پڌرا ڪرڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages