ڪپتان اظهر علي طرفان نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي تي اعتماد جو اظهار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ڪپتان اظهر علي طرفان نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي تي اعتماد جو اظهار


لنڊن (ويب ڊيسڪ )انگلينڊ خلاف سيريز کان اڳ پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي، نوجوان فاسٽ بالرز تي اعتماد جو اظهار ڪندي نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي جي ٽيم ۾ شموليت کي پنهنجي خوش قسمتي قرار ڏني آهي.

اظهر علي چيو ته نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي باصلاحيت بالرز آهن، هو سهيل خان ۽ محمد عباس جهڙن تجربو رکندڙ بالرز مان فائدو حاصل ڪن پيا، ليگ اسپنر ياسر شاهه جو تجربو به نوجوانن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿئي پيو.

هن چيو ته بيٽسمين اڪثر رنز نه ٺاهي سگهندا آهن، پر اميد ته انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

اظهر علي چيو ته ڪورونا وبا بعد گرائونڊ ۾ واپسي چئلينج هئي، ڪيمپ جي شروعات ۾ ڏکيائون به پيش آيون، راند ۾ واپسي تي رانديگر بهتر محسوس ڪن پيا.

ڪپتان اظهر علي چيو ته انگلينڊ خلاف هميشه سٺي ڪارڪردگي رهي آهي، پنج آگسٽ کان شروع ٿيندي سيريز ۾ مداحن جي اميدن تي پورو لهندا.

The post ڪپتان اظهر علي طرفان نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي تي اعتماد جو اظهار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages