ايف اي ٽي ايف بابت ٻه بل سينيٽ مان به منظور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ايف اي ٽي ايف بابت ٻه بل سينيٽ مان به منظور


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) بابت قانون سازي جا 2 بل قومي اسيمبلي ۾ منظور ٿيڻ کان پوءِ سينيٽ ۾ ڪثرت راءِ سان منظور ڪيا ويا.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ دهشتگردي خاتمي واري ترميمي بل 2020 ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪونسل) (ترميمي) بل 2020 تي ووٽنگ ڪرائي وئي ۽ هنن کي ڪثرت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

سينيٽ اجلاس کان اڳ سينيٽر جاويد عباسي جي سربراهي ۾ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردي جي انت وارو ترميمي بل ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل ترميمي بل کي تفصيلي غور  ڪرڻ بعد منظور ڪيو ويو.

ايوان ۾ قانون ۽ انصاف واري اسٽيڊنگ ڪميٽ  جي چيئرمين سينيٽر جاويد عباسي دهشتگردي جي انت وارو (ترميمي) بل 2020 جڏهن ته پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪونسل) (ترميمي) بل 2020 پيش ڪيو.

سينيٽ ۾ بل پيش ڪندي سينيٽر جاويد عباسي واضح ڪيو ته ڪا به پارٽي ان قانون سازي جي مخالف نه هئي ڪالهه پارليمان ۾ رڳو طريقي ڪار تي بحث ٿيو هو ۽ اسان جي خواهش هئي ته قانون سازي ايتري سٺي هجي ته ملڪ ۾ ان کي غلط طور تي استعمال نٿو ڪري سگهجي.

شاهه محمود قريشي:

پرڏيهي وزير چيو آهي ته قانون سازي کي فوري طور ايشيا پيسفڪ گروپ ڏانهن موڪليو وينددو ۽ اميد آهي ته اي جي پي ان جو جائزو کڻي آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ پلانري اجلاس ۾ ان کي پيش ڪندي.

هن چيو ته هاڻ پاڪستان سمورا مرحلا طئي ڪري ورتا آهن ان ڪري ڪو به جواز نٿو بڻجي ته پاڪستان کي هاڻ به گريس لسٽ ۾ رکيو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان کي وائٽ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن جو ڪريڊٽ سڄي قوم ڏانهن ويندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڄ سينيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هي هڪ پڪو ذهن ۽ سنجيده ايوان آهي ۽ جتي پاڪستان جو مفاد ايندو اُتي جماعت حدن ۽ ذاتي مفاد پوئتي رکڻ جي اهليت رکن ٿا.

هن چيو ته ايوان ۾ ٻنهي بلن جي منظوري تي ايوان جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته ڀارت ڪافي عرصي کان پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان جو اِهو مقصد آهي ته پاڪستان کي مالي ڏکيائي جو شڪار رهي.

هن چيو ته آئون اڄ پاڪستان مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جا ٿورا ادا ڪيان ٿو توهان اڄ ڀارت جي عزمن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، اسان جا گڏيل اختلاف ٿي سگهن ٿا پر پاڪستان جي معاملي تي اسان هڪ آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته حڪومتون عارضي آهن اِهي حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن پر رياست جا مفاد مٿانهان آهن ۽ جهڙي ريت سياسي پارٽين سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو هي اُها اسٽيٽمين شپ آهي جنهن جو مظاهرو ڪيو وڃڻو هو ۽ ڪاش جي يو آءِ (ف) به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪندي.

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪجهه ميمبرن کي ڪلڀوشن بابت خطرن جي حوالي سان ڳڻتي هئي، هو قيد ۾ آهي هن جي سزا ۾ ڪا به نرمي ۾ ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي اسان جو ڪو اهڙو ارادو آهي ته هو راتون رات هتان فرار ٿي وڃي.

هن چيو ته ڪلڀوشن کي ڪا به رعايت ناهي ڏني وئي اسان هڪ ذميوار ملڪ آهيون، ڀارت عالمي عدالت فيصلي ۾ پهرين به اِهو معاملو آڻي چڪو هو ۽ هن جيڪوشش هئي ته ٻيهر ڪنهن طرح اِهو معاملو اُتي وڃي سگهي جڏهن ته اسان جي ڪوشش هئي ته انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي ان طرح عملدرآمد ڪيو وڃي ته ڀارت جو ڀارت کي ڪو موقعو نه ملي سگهي.

سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو جي آرڊيننس ۾ فري اينڊ ٽرائل هڪ شخص بابت ناهي پر هي هميشه جي لاءِ ۽ مستقبل ۾ اهڙي صورتحال پيش اچڻ تي ان جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهن چيو ته ان آرڊيننس کي لڪايو ويو پر ان ۾ لڪائڻ واري ڪا به شئي نه هئي هي مڪمل اوپن پراسس هو ۽ ان ۾ ڪا به اهڙي شئي نه هئي جنهن سان پاڪستان کي ڪنهن ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي.

The post ايف اي ٽي ايف بابت ٻه بل سينيٽ مان به منظور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages