ڪلڀوشن ياديو ملڪ ۾ موجود ئي ناهي…! ن ليگ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ڪلڀوشن ياديو ملڪ ۾ موجود ئي ناهي…! ن ليگ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مشاهد الله خان چيو آهي ته محسوس پيو ته ٿئي شايد ڪلڀوشن ملڪ ۾ موجود ئي ناهي، 3 ڀيرا هن کي قونصلر تائين پهچ ڏني وئي ۽ هو نه آيو ان جو مطلب ته هو پنهنجي منهن ئي نٿو ڏيکارڻ چاهي ته پوءِ هن وزير جي ڳالهه جو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي جڏهن ته هن پاڻ قونصلر رسائي گهري هئي.

سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته اسان جي دور حڪومت ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ موت جي سزا ڏني وئي پر هاڻ ائين پيو محسوس ٿئي ته ڪلڀوشن جي حوالي سان حڪومت ڪو به منصوبو بڻايو آهي جنهن ۾ هو عوام جي اکين ۾ ڌوڙ پيو وجهي.

هن چيو ته موجوده حڪومت ڪلڀوشن کي 3 ڀيرا قونصلر تائين پهچ ڏني پر هن قبول نه ڪيو اِهو هڪ انتهائي اهم معاملو آهي.

سندس چوڻ هو ته هڪ وفاقي وزير اِهو بيان ڏنو ته ڪلڀوشن ته وڃي چڪو آهي، جنهن کي اسان ان وقت سنجيدگي سان ناهي ورتو ۽ حڪومت جي ڪنهن ميمبر ان جي وضاحت به طلب ناهي ڪئي.

ٻئي پاسي وزير اعظم يا پرڏيهي وزير سميت ڪنهن جي به طرفان ايڪشن ته پري جي ڳالهه ڪو اهڙو بيان سامهون ناهي آيو ته هن غلط چيو حالانڪ اِهو هڪ خطرناڪ معاملو آهي.

هن چيو ته مون کي محسوس ٿو ٿئي ته ڪلڀوشن ملڪ ۾ موجود ئي ناهي 3 ڀيرا هن کي قونصلر تائين پهچ ڏني وئي ۽ هو نه آيو ان جو مطلب ته هو پنهنجي منهن ئي نٿو ڏيکارڻ چاهي ته پوءِ ان وزير جي ڳالهه جو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي جڏهن ته هن پاڻ قونصلر رسائي گهري هئي.

The post ڪلڀوشن ياديو ملڪ ۾ موجود ئي ناهي…! ن ليگ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages