

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جي ردعمل جي خوف کان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو فيصلو تبديل ڪيو ويو آهي.
حڪومت رات دير سان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق هڪ تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.
حڪومت طرفان قومي اسيمبلي اجلاس جي 8 نڪاتي ايجنڊا به جاري ڪئي وئي، ايجنڊا ۾ 2 ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۽ 3 اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون شامل ڪيون ويون.
ذريعن موجب حڪومت گڏيل اجلاس جو فيصلو اپوزيشن جي امڪاني سخت ردعمل سبب تبديل ڪيو، ڇو ته اپوزيشن مستقبل ۾ قانون سازي ۾ ڪنهن قسم جو سهڪار نه ڪرڻ جو پيغام ڏنو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه گهربل بلن کي ڪنهن هڪ ايوان ۾ پيش ڪرڻ به اڃا باقي هو ۽ گهربل سمورا بل اڄ گڏيل اجلاس ۾ منظور نه ڪرائي سگهجن ها.
ذريعن موجب گهربل بلن جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس عيد کانپوءِ 6 آگسٽ تي طلب ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ هو ته حڪومت کي پنهنجي ميمبرن جي عددي اڪثريت بابت به خدشا پيدا ٿي ويا هئا، جڏهن ته اپوزيشن پنهنجي ميمبرن کي اسلام آباد ۾ روڪي ورتو هو، ان سببن جي ڪري گڏيل اجلاس جو فيصلو تبديل ڪيو ويو.
The post حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جي فيصلي تان يوٽرن وٺي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment