

سائوٿمپٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جو چوٿون ڏينهن به برسات جي ور چڙهي ويو.
سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن به برسات سبب رڳو 10.2 اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي.
پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 223 رنسن کان رهيل اننگز شروع ڪئي ته محمد رضوان 60 ۽ نسيم شاهه هڪ رنس سان ڪريز تي موجود هئا.
وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين پنهنجي اسڪور ۾ 12 رنسن جي واڌ کانپوءِ اسٽيورٽ براڊ جو شڪار بڻجي ويو، ائين قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 236 رنسون ٺاهي سگهي.
انگلينڊ طرفان اسٽيورٽ براڊ 4، جڏهن ته جيمز اينڊرسن 3 وڪيٽون وٺي اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان محمد رضوان 72، عابد علي 60 ۽ بابر اعظم 47 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.
انگلينڊ بيٽنگ شروع ڪئي ته پهرين ئي اوور ۾ شاهين آفريدي اوپنر روري برنس کي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽائي ڇڏيو.
ميزبان ٽيم جو اسڪور 7 تي مس ته پهتو خراب موسم سبب راند روڪي وئي، جيڪا آخر تائين ٻيهر شروع نه ٿي سگهي.
واضح رهي ته ٽن ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.
The post سائوٿمپٽن ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن به ڪَڪرن جو راڄ، راند 10.2 اوورن تائين محدود رهي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment