

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا جي وري اڌ سينچري مڪمل ٿي وئي جڏهن ته ڪابينا ۾ اڻ چونڊيل شخصيتن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي.
وزيراعظم عمران خان طرفان ڪورونا وائرس بابت پنهنجي فوڪل پرسن ۽ شوڪت خانم اسپتال جي سي اي او ڊاڪٽر فيصل سلطان کي خاص مددگار مقرر ڪرڻ جي منظوري کان پوءِ وفاقي ڪابينا جو انگ وڌي 50 ٿي ويو.
ڪجهه ڏينهن اڳ صحت بابت خاص مددگار ظفر مرزا پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن تي استيعفيٰ ڏني هئي.
ڪابينا ڊويزن اختيارين موجب وزيراعظم عمران خان جي اڌ سينچري مڪمل ڪندڙ ڪابينا ۾ اڻ چونڊيل شخصيتن جي انگ 18 ٿي ويو.
وفاقي وزيرن جو انگ 27 ۽ مملڪتي وزيرن جو انگ 4 آهي.
اختيارين موجب وزيراعظم جي ڪابينا ۾ 5 صلاحڪار ۽ خاص مددگارن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي.
وزيراعظم جي ٽيڪنالوجي بابت خاص مددگار تانيا ادروس جي استيعفيٰ کان پوءِ ان عهدي تي اڃا وزيراعظم نئين مقرري جو اعلان ناهي ڪيو.
The post عمران خان جي ڪابينا ۾ اڻ چونڊيلن جو انگ 18 ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment