”ان کان اڳ جو گورنر راڄ جي ڳالهه ڪيون سنڌ حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

”ان کان اڳ جو گورنر راڄ جي ڳالهه ڪيون سنڌ حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري“


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جي ڪڻڪ نه پئي ڏئي، جنهن سبب اگهه وڌي رهيا آهن، ان کان اڳ جو گورنر راڄ جي ڳالهه ڪيون سنڌ حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري.

اسلام آباد ۾ غذائي تحفظ واري وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته صوبن ۾ اٽي جا مختلف اگهه آهن، سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ نه ڏيڻ سبب عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي آهي، جنهن سان مارڪيٽ ۾ اٽي جو اگهه وڌي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جي ڪڻڪ رليز نه پئي ڪري، سنڌ حڪومت جي پاليسي سبب صوبي جو عوام مهانگو اٽو خريد ڪري رهيو آهي، صوبن ۾ گهرج ۽ پهچ سان وفاق جو واسطو ناهي، سنڌ ۽ پنجاب ڪڻڪ جي پيداوار وارا صوبا آهن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڪورونا کان ويندي ڪڻڪ تائين هر معاملي ۾ سياست کيڏي، اسان چار صوبا نه چار ڀائر آهيون، سنڌ حڪومت کي به اسان سان گڏ بيهڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان سنڌ حڪومت ائين نه ڪيو، سنڌ حڪومت مينڊيٽ تي پوري نه لٿي، سنڌ حڪومت عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ ڪراچي جو حشر سڀني جي سامهون آهي، سنڌ حڪومت جي قدمن سان عوام کي تڪليف ٿي رهي آهي، ان کان اڳ جو گورنر راڄ جي ڳالهه ڪيون سنڌ حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري.

ان موقعي تي وفاقي وزير فخر امام چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جي ذميواري صوبائي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، ذخيري اندوزي تي ضابطو صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز ڪري اگهه يقيني طور گهٽ ٿي ويندا.

The post ”ان کان اڳ جو گورنر راڄ جي ڳالهه ڪيون سنڌ حڪومت پنهنجو رويو تبديل ڪري“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages