ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, August 1, 2020

ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.

ملڪ جي سڀني ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عيد جا اجتماع رٿيا ويا جنهن ۾ عالمن قرباني جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

عيد جي نماز بعد مسلمانن جي اتحاد، ملڪي سلامتي ، ترقي ، خوشحالي ۽ ڪورونا وبا جي خاتمي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.

عيدالاضحيٰ جي نماز کانپوءِ سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي الله جي راهه ۾ جانور قربان ڪيا پيا وڃن.

عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن تحت پوليس جي وڏي نفري مسجدن ۽ عيد گاهن ٻاهران مقرر ڪئي وئي.

The post ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages