مني لانڊرنگ ڪيس: شريف گروپ جو سي ايف او محمد عثمان گرفتار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 2, 2020

مني لانڊرنگ ڪيس: شريف گروپ جو سي ايف او محمد عثمان گرفتار


111

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب شريف گروپ جي سي ايف او محمد عثمان کي گرفتار ڪري ورتو.

شريف خاندان خلاف مبينا مني لانڊرنگ ڪيس جي هڪ اهم جوابدار شريف گروپ جي سي ايف او عثمان کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد عثمان شريف خاندان خلاف مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم جوابدار آهي.

نيب ذريعن موجب محمد عثمان شريف خاندان جا اڪائونٽ مينيج ڪندو هو، ان تي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، جنهن جا اهم ثبوت نيب وٽ موجود آهن.

هوڏانهن شريف خاندان جي ترجمان عطاءُ الله تارڙ الزام هنيو آهي ته شريف گروپ جي سي ايف او کي اڻڄاتل ماڻهو کڻي ويا، هو پنهنجي والدين سان عيد ملڻ وڃي رهيو هو ته کيس کنيو ويو، اڃا تائين نيب يا ايف آءِ اي طرفان عثمان جي گرفتاري جي حوالي سان ڪا تصديق ناهي ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته نيازي حڪومت عثمان کي ڳجهي هنڌ قيد ۾ رکيو آهي، کيس بنا دير نه ڇڏيو ويو ته ايف آءِ اي جي آفيس جو گهيرو ڪنداسين.

هوڏانهن شريف گروپ جي سي ايف او عثمان جي ڀاءُ ثاقب سمن آباد ٿاڻي تي ڀاءُ جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي آهي.

The post مني لانڊرنگ ڪيس: شريف گروپ جو سي ايف او محمد عثمان گرفتار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages