

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي نون ڪيسن ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران رڳو 553 ڪيس سامهون آيا آهن.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب هڪ ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جون 14 هزار ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ تائين ڪيل ٽيسٽن جو مجموعي انگ 20 لک 10 هزار کان ٽپي ويو آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل 14 هزار ٽيسٽن مان 553 جو نتيجو هاڪاري آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس سان متاثر ٿيندڙن جو گڏيل انگ 2 لک 79 هزار 699 ٿي ويو آهي.
انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 6 مريض لاڏاڻو ڪري ويا، اهڙي ريت هيل تائين فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 5 هزار 976 تي پهتو آهي.
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ هڪ لک 21 هزار 309، پنجاب ۾ 93 هزار 173، خيبر پختونخواهه ۾ 34 هزار 160، اسلام آباد ۾ 15 هزار 52، بلوچستان ۾ 11 هزار 762، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 157 ۽ آزاد ڪشمير ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 2 هزار 86 آهي.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 2 لک 48 هزار 577 ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ فعال ڪيسن جو انگ رڳو 25 هزار 146 وڃي بچيو آهي.
The post ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۽ فوتگين ۾ رڪارڊ گهٽتائي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment