

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي مسلمانن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته اهو تهوار خوشي، پيار ۽ محبت سان ملهايو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان پيغام جاري ڪيو.
هن لکيو ته عيدالاضحيٰ جو تهوار ملهائيندڙن کي هن ڏينهن جي خوشين جي تمام گهڻي مبارڪ هجي، عيدالاضحيٰ جهڙو تهوار خوشيون ۽ محبت ورهائيندي ملهايو.
هوڏانهن ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي به مسلمان کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون.
ڊيرن سيمي ٽوئيٽر تي لکيو ته منهنجي سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي عيد جون مبارڪون.
The post ويرات ڪوهلي ۽ ڊيرن سيمي جون مسلمانن کي عيد مبارڪون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment